اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان جي عوام تي 700 ارب رپين کان وڌيڪ بار وڌو پيو وڃي:نوازليگ

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ (ن) حڪومت پاران ڪيل قانونسازي تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته بل آئي ايم ايف جي حق ۾ ٿي سگهي ٿو پاڪستان جي نه، پاڪستان جي عوام تي 700 ارب رپين کان وڌيڪ بار وڌو پيو وڃي. عمران خان پهريان غريبن جو ڳلو ڪٽيو هاڻي سرنج سان رت ڪڍيو پيو وڃي، بل واپس ورتا ويندا، خانگي محفلن ۾ وزير چون ٿا ته اسان آئي ايم ايف هٿان مجبور آهيون، اوهان مجبور آهيو ته اهڙي بل جو دفاع ڇو ڪري رهيا آهيو؟ ثاقب نثار کي مبارڪ اوهان جو صادق ۽ امين ملڪ کي 100 ارب رپين جو پيو آهي. 13 جنوري تي ڪوئي رولز، آئين ۽ روايتن جي پرواهه نه ڪئي وئي. عددي سرسي ته ٽيليفونز پوري ڪري ڇڏي، گهٽ ۾ گهٽ بحث ته ٿئي ها اسپيڪر ۽ حڪومت کي چيو ته حقيقتون ته سامهون رکو. اهڙن خيالن جو اظهار شاهد خاقان عباسي، خرم دستگير خان، احسن اقبال، مفتاح اسماعيل ۽ ٻين پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. شاهد خاقان عباسي چيو ته گذريل ڏينهن پارليامينٽ جو سڀ کان ڪارو ڏينهن هو پاڪستان جي عوام کي 700 ارب رپين کان وڌيڪ بار وڌو پيو وڃي. هن چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ڪوشش ڪئي ايوان ۾ ووٽنگ به نه ٿي سگهي ان جو ڪوئي تاريخ ۾مثال نه آهي ته ايوان ۾ بحث به نه ٿي سگهي. تڪڙ ۾ بل پاس ڪرڻ ويا ته اها تڪڙ ڇا جي هئي ٻڌائڻ کان قاصر هئا. هن چيو ته سڀ کان خطرناڪ بل آهي ته پنهنجي معيشت جي چاٻي اسان آئي ايم ايف جي حوالي ڪري رهيا آهيون. رات اونداهي ۾ بنا ڪنهن بحث جي ان کي پاس ڪرايو ويو. هن چيو ته اسپيڪر کي چيو ته حڪومت کي چيو حقيقتون ته سامهون رکو اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪي رولز آئين ۽ روايتن جي پرواهه نه ڪئي وئي اهو سڀ ڪجهه ٿيو جڏهن وزيراعظم ايوان ۾ موجود هو هن چيو ته ڪروڙين پاڪستان جو استحقاق مجروح ٿيو جن اسان کي چونديو آهي عوام جو پڇڻ جو حق به ڦٻايو ويو آهي مفتاح اسماعيل چيو ته سالياني حساب سان 700 ارب رپين جو بار وڌو ويو آهي 348 ارب رپيا ڪٿان اچي رهيا آهن ڪهڙي ضرورت پئي آئي ايم ايف ته چوي ٿو ته بجيٽ خساري کي گهٽ ڪريو اوهان خرچ گهٽايو ها اوهان ٽيڪس هڻي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button