اسلام آبادپاڪستان

جعلي اڪائونٽ ڪيسن ۾ آصف علي زرداري جي ضمانت منظور

اسلام آباد :جعلي اڪائونٽس ڪيسن ۾ آصف زرداري خلاف نيويارڪ اپارٽمينٽس تي نيب انڪوائري ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت آصف زرداري جي ضمانت منظور ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير آصف زرداري کي طبي بنيادن تي ضمانت ڏني. عدالت چيو ته آصف زرداري کي صحت جي مسئلن سبب ڪيس ۾ مستقل ضمانت ڏني ٿي وڃي. آصف زرداري جي خلاف نيويارڪ پراپرٽي ڪيس انڪوائري مرحلي ۾ آهي. نيب پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ آصف زرداري خلاف پڪيون شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن. نيب پڪين شاهدين جي بنياد تي آصف زرداري جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست ڏئي سگهي ٿو. واضح رهي ته نيب کي آصف زرداري جي خلاف اثاثن جي شڪايت 2018 ۽ 2019 ۾ ملي هئي. نيب کي جي آءِ ٽي رپورٽ اپريل 2019 ۾ ملي هئي، آصف زرداري ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ڊسمبر 2019 ۾ آزاد ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button