اسلام آبادپاڪستان

سنڌ جي گيس اڪثر سنڌ ۾ ئي استعمال ٿيندي آهي:وفاقي حڪومت

اسلام آباد : توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته سنڌ جي اڪثر گيس سنڌ ۾ ئي استعمال ٿيندي آهي ۽ اڌ گيس ته پائيپ ۾ وجهڻ جي قابل به ناهي هوندي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ سان بحث ٿيڻ واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. حماد اظهر چيو ته پرويز خٽڪ سان نه منهن ماري ٿي آهي ۽ نه ئي وري ڳالهه ٻولهه ٿي. هُن وزير اعظم سان ڳالهايو، جنهن تي عمران خان پرويز خٽڪ کي ٻڌايو ته حماد اظهر جي ڏنل ڊيٽا تي ملڪ جي مفاد ۾فيصلا ڪنداسين. هُن چيو ته تحريڪ انصاف هڪ جمهوري پارٽي آهي، هتي سڀئي کُلي ڳالهائيندا آهن، اسان جي روايتي پارٽي ناهي جتي پارٽي ليڊر جو ٻار به اچي ويهي ۽ ماڻهن جو ساهه رڪجي وڃي. حماد اظهر چيو ته پرويز خٽڪ اسان جو وڏو آهي، پارٽي ۾ سڀني کي ڳالهائڻ جو حق آهي. اسٽيٽ بينڪ بل جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري کي سياسي رنگ ڏنو پيو وڃي، ن ليگ به 2015 ۾ اسٽيٽ بينڪ جي خود مختياري بابت پاليسي جو اعلان ڪيو هو پر بعد ۾ ان کي فالو نه ڪيو ويو. اسٽيٽ بينڪ جا سمورا اثاثا وفاقي سرڪار جي ملڪيت رهندا. هن چيو ته اسان جي ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ناهي ٿي سگهيو. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي هٽائڻ جو اختيار وفاقي حڪومت وٽ ئي رهندو. هن چيو ته يوريا جي کوٽ جو مسئلو طلب ۾ واڌ ٿيڻ سبب ٿيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته زراعت ۾ حڪومت ڪارٽيلز کي ٽوڙيو آهي، سنڌ سرڪار هر ڀيري سنڌ ڪارڊ کيڏيندي آهي، سنڌ جي اڪثر گيس سنڌ ۾ ئي استعمال ٿيندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button