اسلام آباد:توانائي واري وزارت نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي گھريلو واهپيدارن لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. وفاقي حڪومت بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 95 پيسا في يونٽ تائين واڌ ڪري بجلي جي گھريلو واهپيدارن کي 20 ارب رپين جي سبسڊي کان محروم ڪرڻ جي درخواست نيپرا کي جمع ڪرائي. نيپرا موجب درخواست ۾ ماهوار 200 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگائي نه ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. توانائي واري وزارت جي درخواست ۾ ٻين سب سليبز لاءِ في يونٽ بجلي 8 پيسن کان 95 پيسن تائين مهانگي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. نيپرا موجب درخواست ۾ 100 يونٽ استعمال تائين في يونٽ 8 پيسا، 101 کان 200 يونٽ تائين استعمال تي في يونٽ 18 پيسا، 201 کان 300 يونٽ استعمال تي في يونٽ 48 پيسا جڏهن ته 301 کان 700 يونٽس تائين في يونٽ 95 پيسا واڌ جي تجويز آئي آهي. توانائي واري وزارت جي درخواست ۾ واهپيدارن کي بجلي بلن تي ڏنل لن سليب بينيفٽ ختم ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي. نيپرا 24 جنوري تي درخواست جي ٻڌڻي ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close