اسلام آبادپاڪستان

فروغ نسيم،انور منصور،شهزاد اڪبر خلاف ڪارروائي ڪريو:سرينا جو نيب کي خط

اسلام آباد:جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين ۽ پراسيڪيوٽر نيب کي خط لکي قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ ٻين خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. خط ۾ سرينا عيسيٰ پاران موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قانون وارو وزير فروغ نسيم پنهنجي خلاف ڪارروائي کان بچڻ لاءِ غير قانوني قدم کنيو، سندس اهڙو قدم نيب آرڊيننس جي سيڪشن نائن اي سان ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو. سرينا عيسيٰ لکيو ته قانون واري وزير مني بل ذريعي سيڪشن 216 ۾ غير قانوني ترميم ڪئي، اهڙي ترميم خود کي بچائڻ ۽ اختيار اورانگهڻ آهي. خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته قانون واري وزير، اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور، شهزاد اڪبر ۽ اشفاق احمد خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اميد آهي ته نالا ٻڌائڻ تي اوهان هنن جي خلاف ڪارروائي ڪندا. هنن سمورن ماڻهن انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي سيڪشن 216 جي ابتڙ ڪارروائي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button