اسلام آباد : ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز جي بريت جي درخواست تي نيب جواب هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ احتساب عدالت جي فيصلي جي خلاف مريم نواز جي اپيل خارج ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. اربع تي نيب مريم نواز تي مثالي ڏنڊ لڳائڻ جي اپيل ڪندي چيو ته مريم نواز جي بريت جي درخواست ٻڌڻي جوڳي نه آهي، مريم نواز جي بريت جي درخواست ۾ بيان ڪيل حقيقتون درست نه آهن. درخواست ۾ لڳايل الزامن تي سپريم ڪورٽ پهريان ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي. احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪري سزا ٻڌائي. جواب ۾ چيو ويو ته ٽرائيل ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جو صاف شفاف ٽرائيل ٿيو. نيب چيو ته مريم نواز جو والد نوازشريف، ڀاءُ حسن ۽ حسين نواز عدالتي روپوش آهن، جوابدارن لنڊن فليٽس جي مني ٽريل ناهي ڏني. نيب چيو ته نوازشريف ٻڌائي ته لنڊن پراپرٽيز ڪيئن خريد ڪيون، پئسو ڪيئن منتقل ڪيو. سپريم ڪورٽ فيصلي تي عمل لاءِ نگران جج مقرر ڪيو. جواب ۾ چيو ويو ته مريم نواز جي درخواست عدالت سان دوکي جي برابر آهي. مريم نواز جي نگران جج تي الزام توهين عدالت جي زمري ۾ اچن ٿا. پاناما ڪيس جي شنوائي ڪندڙ جج هاڻي به جڊيشل سروس ۾ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close