اسلام آبادپاڪستان

اسڪولن ۾ 50 سيڪڙو حاضري سميت مختلف پابنديون لاڳو

اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جو اوميڪرون قسم تيزي سان پکڙجڻ سبب وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ لڳا، حڪومت ان ڊور تقريبن تي پابندي هڻندي اسڪولن ۾ 50 سيڪڙو حاضري جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪيسن جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح وارن علائقن ۾ اِن ڊور ميڙاڪن، 12 ورهين کان گھٽ شاگردن لاءِ 50 سيڪڙو حاضري سميت ٻيون پابنديون لڳايون ويون آهن. ڪالهه اين سي او سي جو اجلاس منصوبابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر ميجر جنرل محمد ظفر اقبال جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن دوران ملڪ ۾ وبا جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اين سي او سي جون نيون پابنديون 20 کان 30 جنوري تائين جاري رهنديون. ان دوران 27 جنوري تي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. پر شادين لاءِ مڙهيل پابنديون 24 جنوري کان لاڳو ٿي 15 فيبروري تائين جاري رهنديون. اهڙيءَ طرح انڊور ڊائننگ تي پابندي به 24 جنوري کان لاڳو ٿيندي. اجلاس ۾ وفاقي ۽ اڪائين سان مشاورت ۽ غور کانپوءِ بيان ڪيل قدمن تي اتفاق ڪيو ويو. اهي علائقا جتي ڪيس اچڻ جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. انڊور شادين، ۽ هر قسم جي تقريبن تي پابندي هوندي. آئوٽ ڊور شادين، تقريبن ۾ رڳو 300 مهمانن جي شرڪت سان گڏ اجازت آهي. ريسٽورنٽس ۾ انڊور ڊائننگ تي پابندي، آئوٽ ڊور ڊائننگ جي رڳو ويڪسينيٽڊ ماڻهن کي اجازت هوندي. رڳو مڪمل ويڪسينيٽڊ ماڻهن کي 50 سيڪڙو گنجائش سان گڏ جمز، سينيما گھرن، تفريحي پارڪن ۽ مزارتن تي وڃڻ جي اجازت هوندي. سڌيءَ ريت رابطي ۾ اچڻ وارين راندين جيئن، ڪراٽي، مارشل آرٽس، رگبي، واٽر پولو، ڪبڊِي ۽ ريسلنگ تي پابندي آهي. 12 سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن جي هڪ ڏينهن ڇڏي هڪ ڏينهن 50 سيڪڙو گنجائش سان گڏ اسڪولن ۾ حاضري جي اجازت ڏني وئي آهي. 12 سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن جي مڪمل ويڪسينيٽڊ هجڻ جي صورت ۾ 100 سيڪڙو حاضري جي اجازت آهي. 12 سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن لاءِ ڪووڊ پروٽوڪولز سان گڏ تعليمي سرگرميون جاري رکڻ جي اجازت آهي. 12 ورهين کان عمر جي ٻارن کان جي مڪمل ويڪسينيٽڊ شاگردن لاءِ ڪووڊ پروٽوڪولز جاري رکڻ جي اجازت هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button