ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد جوابدار ھريش ڪڙيلا جي زيادتين خلاف ميگھواڙ برادري سميت مختلف برادرين جي ماڻهن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن ريجھو مل ميگهواڙ، دليپ ڪمار، رويداس، ايس ڪي چوھاڻ ۽ ٻين چيو ته ھريش ڪڙيلا منافعي جي لالچ ڏئي ڪيترن ئي ماڻهن کان لکين رپيا ورتا، هريش ٻن مختلف ڪمپنين جي نالي سان غريب ماڻهن کي ٻنھي ھٿن سان ڦريو ۽ لٽيو. ھريش ڪڙيلا تي مني لانڊرنگ جو ڪيس ٿيڻ سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي رقم ٻڏي وئي آهي. ھنن چيو ته ھريش ڪڙيلا جي فراڊ سبب ڪيترائي خاندان مالي بحران جي ور چڙهي ويا آهن، اطلاع آھن ته ھريش ڪڙيلا جو خاندان نيپال ھليو ويو آهي، ھريش ڪڙيلا جي ھن ڪڌي ڪم ۾ سندس والد اوڌا ڪڙيلا ۽ سندس ڀائر راجيش ۽ ديانند ڪڙيلا پڻ ملوث آهن، انهن تي پڻ مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. هنن ڊائريڪٽر ايف آئي اي کان مطالبو ڪيو ته ھريش ڪڙيلا جي ضمانت رد ڪري سندس نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي ۽ اسان کي رقم واپس ڪرائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close