مسڻ وڏي: اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي امداد پتافي مسڻ وڏي ۾ عوام جا مسئلا ٻڌا، بعد ۾ هن پريس ڪلب جي چونڊيل عهديدارن کي اجرڪون پارايون ۽ مختيار لغاري جي مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي. ايم پي اي امداد پتافي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيازي حڪومت ملڪ مٿان عذاب آهي، عمراني حڪومت ۾ آمر جنرل مشرف ۽ آمر ضياالحق کان وڌيڪ عوام کي تڪليفون مليون آهن، نيازي جي حڪومت تبديلي مهنگائي، بک، بيروزگاري ۽ بدامني جي صورت ۾ آندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته يوسي مسڻ جي عوام هميشه پ پ جو ساٿ ڏنو آهي، مسڻ وڏي منهنجو ٻيو گهر آهي، جلد عوام پاران نشاندهي ڪيل مسئلا حل ڪيا ويندا. پيئڻ جي صاف پاڻي لا هڪ ٻيو به فلٽر پلانٽ لڳايو ويندو. مسڻ وڏي جي ميڊيا جي دوستن کي مبارڪون ٿو ڏيان، جيڪي علائقي جي مسئلن تي آواز اٿارين ٿا. ان موقعي تي اعجاز علي پتافي، ممتاز علي پتافي، پ پ تعلقي چمبڙ جو صدر رمضان مري، چمبڙ ٽائون ڪميٽي جو اڳوڻو چيئرمين جبران امين لغاري، پ پ اڳواڻ مختيار لغاري، جعفر خان لغاري، حيدر علي ملڪ، سروري جماعت جو حاجي حبيب الله ڏگو ۽ ٻيا موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close