پاڪستانسنڌ

ڏاهلي ۾ بورچي ڳوٺ ۾ جهوپڙا اسڪول کولي ڇڏيو

ڇاڇرو: ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ قبولاڻي ۾ ڪراچي ۾ بورچي جو ڪم ڪندڙ پانڌي نالي ڳوٺاڻي جهوپڙا اسڪول قائم ڪري ورتو، جتي هڪ سئو کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم پرائي رهيا آهن. اسڪول جو بنياد وجهندڙ پانڌي چيو ته اسان جي ڳوٺ ڀرسان ٽي وڏا ڳوٺ موجود آهن، جيڪي چار هزار جي لڳ ڀڳ آبادي تي مشتمل آهن، پر ڳوٺن ۾ سرڪاري اسڪول ناهي، جهن ڪري هزارين معصوم ٻارن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي، معصوم ٻارن جي ڪري مون چار سال اڳ جهوپڙا اسڪول بنياد وڌو، پر سرڪار توڙي تڪ جي چونڊيل نمائندن اڄ ڏينهن تائين ڪو به سهڪار نه ڪيو آهي. آئون پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول هلائي رهيو آهيان. هن چيو ته استاد کي هر مهيني 12 هزار پگهار ملندي آهي، جيڪا مزدوري مان ڏيندو آهيان. تعليم کاتي جي آفيسرن کي ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڏنيون، پر ڪجهه نه ٿيو. نوجوان بورچي سميت ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري اسڪول جي سهولت ڏئي ٻارن کي تعليم ڏياري وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button