ڪراچي : ناليواري ٽرانس جينڊر ايڪٽوسٽ سارا گل جناح ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ڪراچي مان ايم بي بي ايس (فائنل) جي امتحان ۾ ڪاميابي ماڻي پاڪستان جي پهرين کدڙي فقير ڊاڪٽر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. سارا گل ملڪ ۾ نئين تاريخ رقم ڪندي ايم بي بي ايس جو فائنل پروفيشنل امتحان پاس ڪيو آهي. سارا گل پنهنجي تعليم جناح ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج مان حاصل ڪئي. جي ايم ڊي سي ڪراچي يونيورسٽي سان الحاق ٿيل ادارو آهي. سارا پاڪستان ۾ ٽرانس جينڊر طبقي جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جينڊر انٽريڪٽو الائنس جي نالي سان هڪ غير سرڪاري تنظيم به هلائي رهي آهي. ڊاڪٽر سارا گل ٻڌايو ته جيتوڻيڪ ان جي ڪلاس فيلوز کي سندس اصليت جي خبر هئي پر پوءِ به ڪاليج جي داخلا فارم تي کيس پاڻ کي ڇوڪرو ظاهر ڪرڻو پيو، ڇو ته والدين جو اسرار اهو هو ٽرانس جينڊر هجڻ جي ڪري مون کي پنهنجي تعليم ۾ ڪيترائي مسئلا آڏو ايندا. پر هر ٽرانس جينڊر کي اهڙي قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. صحافين سان ڳالهائيندي سارا گل چيو ته محنت ۽ دلچسپي سان هر منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ مان ڊاڪٽر بڻجڻ لاءِ کوڙ محنت ڪئي آهي. ڊاڪٽر سارا گل ٻڌايو ته کدڙا فقير ڪميونٽي کي چوڻ چاهيان ٿي ته همت نه هاريو، جيڪڏهن مان ڊاڪٽر بڻجي سگهان ٿي ته ڪوئي به محنت ڪري اڳتي وڌي سگهي ٿو. سارا گل پاڪستاني ٽرانس جينڊر ڪميونٽي کي هڪ دفعو ٻيهر چيو ته کين تعليم حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ معاشري ۾ بهتر مقام ٺاهڻ گهرجي. هن چيو ته هي اڃا شروعات آهي اڳتي هلي، انشاءالله اُڃا وڌيڪ سڌارو ايندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close