اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حلفي بيان واري ڪيس ۾ راڻا شميم تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. ڪالهه چيف جسٽس اسلام آباد اطهر من الله فرد جرم پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته اوهان انگلينڊ ۾ حلفي بيان رڪارڊ ڪرايو. اوهان چيو ته چيف جسٽس ثاقب نثار موڪلن تي گلگت بلتستان آيو. شنوائي دوران راڻا شميم استدعا ڪئي ته توهين عدالت جي فرد جرم بدران حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ انڪوائري ڪئي وڃي. ان تي چيف جسٽس چيو ته راڻا صاحب اوهان ماشاءَالله چيف جج رهي چڪا آهيو، اوهان به توهين عدالت جا ڪيس ٻڌا هوندا. راڻا شميم چيو ته آئون ڪڏهن به توهين عدالت جو ڪيس ناهي ٻڌو، آئون ان تي يقين نٿو رکان. جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان کي خبر آهي ته چارج فريم جو مطلب ئي اهو آهي ته اوهان کي موقعو ملندو. اوهان جو الزام هن عدالت بابت آهي. راڻا شميم چيو ته آئون ته اوهان ۽ جسٽس عامر فاروق جي سامهون پيش ٿيندو رهيو آهيان. آئون ۽ اٽارني جنرل جو پيءُ گڏ پريڪٽس ڪندا رهيا آهيون. مون کي خبر ناهي ته هي ڇو پهرين ڏينهن کان منهنجي خلاف آهي؟ عدالت راڻا شميم جي فرد جرم کان اڳ انڪوائري ڪرائڻ ۽ پراسيڪيوٽر جي تبديلي جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ صحافين خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي رد ڪري ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 15 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته عدالت صحافين جي خلاف چارج فريم ناهي ڪري رهي. پر جيڪڏهن ٽرائل ۾ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته خبر ڄاڻي واڻي ڪڍي وئي ته پو ڪارروائي ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close