اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته شريف ڪٽنب مافيا آهي، جيڪي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن، اسان کي هن مافيا جو مقابلو ڪرڻو آهي. ذريعن موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ترجمانن جي اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزير اعظم چيو ته عدالت شريف ڪٽنب کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي چيف جج جو حلفي بيان نواز شريف جي پٽ جي آفيس ۾ نوٽرائز ٿيو، مريم جي ڪيس کان اڳ حلفي بيان سامهون آندو ويو. سندس چوڻ هو ته شريف ڪٽنب مافيا جيان ري ايڪٽ ڪري رهيو آهي. هو پاڻ کي بچائڻ جي جنگ ۽ اسان عوام جي جنگ وڙهي رهيا آهيون. شريف ڪٽنب سدائين عدالتن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان کي هن مافيا جو مقابلو ڪرڻو آهي، عدالت هنن کي بي نقاب ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close