اسلام آباد: صدر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري پاڻي ۾ گهٽتائي ٿي. پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻي جي انتظام جو موثر نظام اڻٽر آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڻي جي انتظام لاءِ سيٽ لائيٽ ۽ هٿرادو ذهانت جي استعمال جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير مونس الاهي ۽ پاڻي وسيلن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو آهي. صدر چيو ته ٻوڏ ۽ سوڪهڙي جي ڪري ملڪ کي ساليانو 12 ارب ڊالر لڳ ڀڳ نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو. اجلاس ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ان جي بهتر انتظام جي حوالي سان مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاڻي جي بهتر انتظام ۽ نگراني لاءِ سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close