اسلام آباد: مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي ڪرونا فنڊ ۾ 40 ارب رپين جي گهوٻين جي نشاندهي ڪئي وئي. پئسو بني گالا جي ڪنهن تهه خاني مان نڪرندو. عوام جلد ڏسندو. ڪرونا رليف فنڊ ۾ خيبرپختونخوا جي عوام جو رت چوسيو ويو. ڪرونا فنڊ جي 354 ارب مان 40 ارب رپيا وفاق کاڌا. خميس تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته هڪ مهينو اڳ ڪووڊ رليف فنڊ تي آڊيٽر جنرل وزيراعطم رليف فنڊ تي رپورٽ ڏني هئي. وزيراعظم تصويرون لڳائي چيو ته سوا کرب جو رليف فنڊ ڏئي رهيا آهيون، ان ۾ 40 ارب رپين جون گهوٻيون ٿيون. آڊيٽر جنرل کي حڪومت ڪوئي رڪارڊ مهيا نه ڪيو هو. آڊيٽر جنرل پاڻ سمورو رڪارڊ گڏ ڪيو. هي رپورٽ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي آئي ايم ايف جي حڪم تي ٺاهيل رپورٽ آهي. هن چيو ته هي شهبازشريف تي زلزلي جو فنڊ کائڻ جو الزام هڻندا هئا، هي جيڪي فنڊ کائين ٿا ان جي آڊيٽر جنرل پاڻ تصديق ڪري ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close