اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ 15 جج ۽ 50 کان وڌيڪ اهلڪار ڪرونا ۾ مبتلا

اسلام آباد: وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد جي ضلعي ڪچهري ۾ 15 جج ۽ 50 کان وڌيڪ اهلڪار ڪرونا ۾ وٺجي ويا. عدالتي ذريعن مطابق ضلعي ڪچهري ۾ مختلف عدالتن جا 58 اهلڪار به ڪرونا ۾ مبتلا آهن. ذريعن موجب ڪرونا وبا جو شڪار ججز جون عدالتون بند ڪيون ويون آهن ۽ متاثر عدالتن ۾ ڊس انفيڪشن اسپري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. عدالتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ضلعي ڪچهري ويسٽ ڪورٽس ۾ 10 جج ۽ 29 اهلڪارن جي ڪرونا ٽيسٽ هاڪاري آئي. جڏهن ته ايسٽ ڪورٽس ۾ 5 جج ۽ 29 اهلڪار ڪرونا جو شڪار ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button