ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي سيشن ڪورٽ ٻاهران ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل ڪيس جو مک جوابدار خليل عرف ڀولو مارجي ويو. فائرنگ ۾ الطاف جسڪاڻي جو ڀا اسد جسڪاڻي زخمي ٿي پيو، پوليس کيس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪارڪنن احتجاج ڪري سڄو شهر بند ڪرائي ڇڏيو. رپورٽ موجب ٽنڊوالهيار جي سيشن ڪورٽ ٻاهران ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل ڪيس جو مک جوابدار خليل عرف ڀولو مارجي ويو. صبح ساڍي نائين وڳي خليل الرحمان عرف ڀولو پنهنجي ڀا آصف خانزادي سان گڏ پيشي تي ڪار تي سيشن ڪورٽ اچي رهيو هو ته نامعلوم ماڻهن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب مک جوابدار ڀولو خانزاده سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ عورت گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي، مقتول جو ڀا معجزاڻي طور بچي ويو، پوليس اسد جسڪاڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. بعد ۾ لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي بعد سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي، سول اسپتال ۾ ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي ڪارڪن پهچي ويا، جتي ڪافي ڇڪتاڻ ٿي، ڇڪتاڻ کي ضابطي لا ايس ايس پي رخسار کهاوڙ پوليس جا اٽالا ساڻ ڪري پهچي ويو. پوليس ۽ رينجرز پهچي صورتحال تي ضابطو آندو. ٻئي پاسي پوليس مقتول جي ڀا آصف خانزادي جي فرياد تي ايس ٽي پي اڳواڻ اسد جسڪاڻي، ذيشان جسڪاڻي، افضل جسڪاڻي ۽ هڪ نامعلوم تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو. ڪيس ۾ وارثن ڄاڻايو ته خليل الرحمان کي عبرڪ چوڪ تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close