اسلام آباد:صدر مملڪت جسٽس عائشا ملڪ کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر طرفان منظوري ڏيڻ بعد قانون ۽ انصاف واري وزارت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. عائشا ملڪ طرفان سومر تي عهدي جو حلف کڻڻ جو امڪان آهي. ان کان اڳ ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي جسٽس عائشا ملڪ کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته جسٽس عائشا ملڪ جي نالي جي منظوري اتفاق راءِ سان ڏني وئي آهي. واضح رهي ته جڊيشل ڪميشن جسٽس عائشا ملڪ کي سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close