ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب پي ايس ايل جي 3 رانديگرن ۽ سپورٽ اسٽاف جي 5 ميمبرن سميت 8 ڄڻن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. ڊائريڪٽر ايڇ بي ايل پي ايس ايل 2022 سلمان نصير طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هوٽل پهچڻ تي 250 ماڻهن جا ڪووڊ ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 8 جا نتيجا مثبت آيا آهن.
سلمان نصير موجب انهن 8 ۾ 3 رانديگر ۽ 5 سپورٽ اسٽاف ميمبر شامل آهن، جن کي آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي. پي سي بي ترجمان موجب هوٽل پهچڻ کان 48 ڪلاڪ اڳ انهن سمورن ماڻهن جا ٽيسٽ ناڪاري آيا هئا. سلمان نصير وڌيڪ چيو ته ڪووڊ ٽيسٽ ۾ جن ماڻهن جي ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي اهي هوٽل ۾ قرنطينه جو مدو پورو ڪرڻ ۽ ٻه ناڪاري نتيجا اچڻ بعد 24 جنوري کان ٽريننگ شروع ڪري سگهندا.
هن وڌيڪ چيو ته پي سي بي بلبل ٺهڻ کان هڪ هفتو اڳ هوٽل جي عملي جي ڪووڊ ٽيسٽ ڪرائي هئي ۽ جن جي ٽيسٽ مثبت آئي آهي، انهن کي گهر ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو. سلمان نصير جو چوڻ هو ته جنهن غير معمولي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون ان ۾ ڪووڊ ڪيسز به سامهون ايندا پر پي سي بي 27 جنوري کان 27 فيبروري تائين ايونٽ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ انٽيگريٽيڊ پروٽوڪول جوڙيو آهي.