اسلام آباد/دبئي :سڌ سما جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شريف فيملي راڻا شميم ڪيس ۾ ان انڪشاف جي ترديد ناهي ڪئي ته اهو حلفيا بيان نواز شريف جي آفيس ۾ سندس هدايتن موجب تيار ٿيو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته راڻا شميم ۽ سوليسٽر نواز شريف جي آفيس ۾ اهو حلفيا بيان رڪارڊ ڪرايو، سمورا واقعا ظاهر ڪن ٿا ته اهو ڊرامو عدالت تي اثرانداز ٿيڻ جي لاءِ ڪيو ويو. ٻئي طرف دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائش جي شروعات ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڊرامي، فلم ۽ ڊيجيٽل ميڊيا ذريعي پنهنجي ڪهاڻي دنيا تائين پهچائي سگهجي ٿي. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ هو، جتي وڏا سئنيما گهر موجود هئا جڏهن ته فلم سازي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ هو. ماضي ۾ فلم ۽ ڊراما انڊسٽري مناسب ڌيان نه ملڻ جي ڪري زوال جو شڪار ٿي. اسان فلم انڊسٽري کي بحال ڪيو، سئنيما گهرن کي سستي بجلي فراهم ڪئي. فلم انڊسٽري تي ٽيڪسن جو خاتمو ڪيو، دبئي ايڪسپو ۾ پاڪستان پويلين هيري وانگر آهي. حڪومت سئنيما گهرن تي خاص ڌيان ڏيندي بجلي جي اگهن ۾ رعايت سميت انهن تي لاڳو ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي. هن چيو ته هن وقت سئنيما گهرن کي سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ پڻ قدم کنيا، فلم انڊسٽري تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته مقامي مواد جي حوصلا افزائي جي لاءِ پرڏيهي مواد تي ٽيڪسز هنيا، غيرملڪي ڊرامن تي ٽيڪس هڻڻ جو مقصد اهو هو ته اسان جا پنهنجا ماڻهو ڊرامن ۽ اشتهارن ۾ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ خوبصورت سياحتي جايون موجود آهن جتي فلم سازي جي لاءِ اين او سي جي طريقيڪار کي پڻ آسان بڻايو پيو وڃي. واضح رهي ته ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پنهنجي بلاڪ بسٽر فلمن جي اسڪريننگ سان پنهنجي سئنيما کي فروغ ڏئي رهيو آهي. 26 فيبروري تائين هر جمعي ۽ ڇنڇر ڏينهن مجموعي طور تي 11 پاڪستاني فلمون پاڪستان پويلين ۾ پيش ڪيون وينديون. افتتاحي تقريب جي پهرين ڏينهن “طيفا ان ٽربل” جي اسڪريننگ ڪئي وئي. فلم اسڪريننگ جي لاءِ اداڪار علي ظفر ۽ اداڪاره حريم پڻ موجود هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير فيٿو ڪاٽي پاڪستان پويلين ۾ فلمن جي نمائش جي شروعات ڪئي. افتتاحي تقريب ۾ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close