اسلام آباد :وفاقي گهرو وزارت سڄي ملڪ ۾ غير معمولي سيڪيورٽي انتظامن جي هدايت جاري ڪندي هٿياربند فوج ۽ آءِ جيز کي الرٽ رهڻ جي وارننگ ڏني آهي. گهرو وزير چيو آهي ته افغانستان ۾ شڪست بعد را جا گروپ پاڪستان ۾ دهشتگردي چاهين ٿا. 15 آگسٽ کانپو دهشتگردي جي لهر ۾ 35 کان 38 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ هلي ته اپوزيشن جا 25 ميمبر گهٽ ٿيندا. وفاقي وزير شيخ رشيد جي هدايتن تي گهرو وزارت چئني صوبن کي خط جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته لاهور انارڪلي بازار دهشتگردي کانپوءِ رياست مخالف عنصرن جي سرگرمين جو خطرو آهي. گهرو وزارت خط ۾ صوبائي حڪومتن کي غير معمولي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي الرٽ رهڻ جو چيو آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ٽي ٽي پي پاڻ جنگبندي جو شرط ٽوڙيو، انهن سان افغان طالبان ڳالهيون ڪري رهيا هئا پر ٽي ٽي پي جا شرط سخت هئا، ان ڪري ڳالهيون اڳتي نه وڌي سگهيون. هن چيو آهي ته دهشتگردي جو هڪ ڪارڻ چين – پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جو رستو روڪڻ واريون طاقتون آهن، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان افغان طالبان ذريعي ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين پر انهن جا شرط سخت هئا، ان ڪري ڳالهيون اڳتي نه وڌي سگهيون. هن چيو ته لاهور واقعي بعد هڪ شخص جي پويا آهيون، هن وقت ڪجهه چوندس ته رات تائين ڀارتي ميڊيا گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندي. سندس چوڻ هو ته گهرو وزارت هٿياربند فوج ۽ آءِ جيز کي الرٽ رهڻ جي وارننگ ڏني آهي، داعش سان ڳالهيون ناهن ٿيون، بي اين اي ننڍو گروپ آهي، ننڍا ننڍا گروپس پاڪستان ۾ دهشتگردي جو ماحول ٺاهڻ چاهين ٿا. ملڪ جي سياست جي حوالي سان شيخ رشيد چيو ته عمران خان جي حڪومت اپوزيشن جي پاڙ ۾ ويهي رهي آهي، عمران خان جي قسمت ڀلي آهي جو کيس ٿڪل اپوزيشن ملي، الله تعاليٰ کي منظور هوندو ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو، جيڪي ماڻهو چئي رهيا آهن ته حڪومت وڃي رهي آهي، انهن ۾ عقل ناهي. نه اسان وڃي رهيا آهيون، نه اوهان اچي رهيا آهيو، صدارتي نظام ۽ ايمرجنسي جو گوڙ آهي، هيل تائين اها تجويز ڪابينا ۾ ناهي آئي.هن وڌيڪ چيو ته 23 مارچ تي او آءِ سي جا ليڊرز پاڪستان اچي رهيا آهن، 21 ۽ 22 مارچ تي اسلام آباد جا ڪجهه روڊ بند ٿيندا. 23 مارچ جي پريڊ ۾ او آءِ سي جا ليڊرز به شريڪ ٿيندا، اپوزيش پنهنجي ريلي 23 مارچ کان 4 ڏينهن اڳ يا بعد ۾ رکي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close