سرهاڙي: سرھاڙي شھر لڳ ڳوٺ سمون خان مگسي جي ڳوٺاڻن رب رکيو مگسي، شاهنواز مگسي، واحد بخش مگسي، رجب مگسي، نبي بخش مگسي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان نعريبازي ڪئي. هنن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مقامي بااثر وڏيري هٿيارن جي زور تي اسان جي گهرن تي هلان ڪري پوليس سان گڏ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري گهرن ۾ گهڙي تشدد ڪيو، وڏيرو تشدد بعد ماڻهن کي ڀيگناهه گرفتار ڪرائي ٿو، بااثر وڏيرو اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ ٿو چاهي. هنن چيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان بااثر لڏڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهي ٿو، پوليس وڏيري جي ڌر ٿي بيٺي آهي. کڏهر پوليس بااثر ماڻهن جي ونگاري بڻجي وئي آهي. هنن ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوابشاهه کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيري جي ظلمن ۽ قبضي خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close