پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ ٻئي ڏينهن ڪاروباربند،عورتن جو احتجاج،لٺبازي

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ الطاف جسڪاڻي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار خليل الرحمان عرف ڀولو خانزاده جي مارجڻ بعد 2 ڏينهن اڳ نامعلوم ماڻهن پاران 15 مددگار آفيس ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪري ٻاهران بيٺل الٽو ڪار ۽ موٽرسائيڪلن کي باهه ڏيڻ جا 22 نامزد ۽ 25 کان وڌيڪ نامعلوم ماڻهن تي 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پوليس 15 ماڻهو گرفتار ڪري ورتا. عورتن پاران احتجاج ڪرڻ تي پوليس لٺبازي ڪري ڏني. شهر ٻڱئي ڏينهن به بند رهيو. رپورٽ موجب ٽنڊوالهيار ۾ گذريل رات نامعلوم ماڻهن پاران 15 مددگار پوليس جي آفيس ۾ ڪيل ڀڃ ڊاهه ڪري ٻاهران بيٺل وڏي منشي الطاف رند جي الٽو ڪار ۽ 12 موٽرسائيڪلن کي باهه ڏيڻ جا 2 ڌار ڌار ڪيس 15 مددگار انچارج عبدالواحد بلوچ ۽ وڏي منشي الطاف رند جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي 22 نامينيٽ ۽ 25 نامعلوم ماڻهن مٿان داخل ڪيا ويا آهن. فريادين ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪورٽ آڏو عبرت چوڪ ٻاهران گوليون هڻي قتل ڪيل ڀولو خانزاده جي ڀا آصف خانزاده جي بڇ تي نامعلوم ماڻهو مددگار پوليس جي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري آفيس ۾ بيٺل الٽو ڪار، 12 موٽرسائيڪلون کي باهه ڏئي 2 سرڪاري واڪي ٽاڪي ۽ هڪ بيٽري پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس مختلف جاين تي ڇاپا هڻي 10 کان 15 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جنهن خلاف خانزاده برادري جي عورتن ۽ مردن اسلاميه مسجد آڏو احتجاج ڪيو. عورتن جو چوڻ هو ته نوجوان به اسان جو ماريو ويو آهي، پوليس وري اسان جي نوجوانن کي گرفتار ڪري رهي آهي، جن کي آزاد ڪيو وڃي. ٻئي طرف مظاهري ۾ پوليس جي وڏن اٽالن پهچي عورتن ۽ مردن تي لٺبازي ڪئي، لٺبازي سبب ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. جڏهن ته رينجرز ۽ پوليس جا اٽالا گرفتارين لا مختلف جاين تي ڇاپا هڻي رهيا آهن. ٻئي طرف پوليس زخمي ٿيل اسد جسڪاڻي خلاف به هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو آهي. هوڏانهن متحده اڳواڻ جي مارجڻ کانپو ٻئي ڏينهن به شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. شهر ۾ ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لا پوليس جو گشت جاري رهيو. متحده اڳواڻ جي قتل خلاف حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم پاران ڪوهنور چوڪ وٽ زونل اڳواڻ ظفر صديقي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ڪيترائي ڪلاڪ ٽرئفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو. ميرپورخاص ۾ متحده ڊسٽرڪٽ انچارج خالد تبسم، آفاق احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارڪيٽ چوڪ تي مظاهرو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button