سانگهڙ: ڪا شاندار تخليق سرجڻ لاءِ نارمل کان ايبنارمل انداز اختيار ڪرڻو پوندو. اسان وٽ به نارمل نه پر ايبنارمل سماج موجود آهي. ان ڪري ادب ذريعي معاشري جو عڪس ظاهر ڪري سگهجي ٿو، سمجهھ ۽ سوچ جي آبياريِ لاءِ اهڙا پروگرام انتهائي ضروري آهن، سڌريل سماجن ۾ علم، ادب ۽ ڪتابن تي ڳالهايو ويندو آهي. اهڙو اظهار ناليواري ليکڪ ۽ تنقيد نگار ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ شاخ پاران مشهور ناول نگار ڪليم ٻٽ جي ناول ريگل چوڪ تي مهورتي تقريب ۾ صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جبلتن کي دنيا ۾ ڪٿي به روڪيو نه ويو آهي. ناول ۾ انسان جو فزيڪل ۽ نان فزيڪل ڪيفيتون آهن. اختر حفيظ، يوسف جويو ۽ امر لغاري ڳالهائيندي چيو ته ڪليم جي ناول ۾ فرد جن سماجي مونجهارن ۾ ڀوڳي ٿو. ان جون محسوسات هن ۾ موجود آهن. هن کي سياسي، سماجي ناول به چئي سگهجي ٿو. هي ناول سمجھائي ٿو ته سماج جي بيمارين جو علاج پاڻ ڳوليون. پلاٽ ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان شاندار ناول آهي. ناول نگار ڪليم ٻٽ چيو ته ادب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، هڪ خيالي ۾ ۽ ٻيو حقيقتي ادب. اسان جي سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ معاشري جي منفي لاڙن کي نروار ڪرڻ کپي. مون هن کان اڳ 7 ناول لکيا آهن، جيڪي سڀئي سماج جي منفي ڪردارن ۽ هڪ خودمختيار معاشرو جوڙڻ لاءِ ان ۾ مختلف ڪردارن وسيلي پنهنجا خيال پيش ڪيا آهن. ناول تي استاد نظاماڻي، مير حسن مري، عظيم رونجهو، ولي محمد خاصخيلي ۽ ٻين پڻ ويچار ونڊيا. ان کان اڳ ناول ريگل چوڪ جو مهورت ڪيو ويو. تقريب ۾ ليکڪن، شاعرن ۽ صحافين سميت باشعور نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close