پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ جانورن جون اڪثر اسپتالون ۽ سينٽر بند، مال مرڻ لڳو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي ۾ لائيو اسٽاڪ کاتو ڀاڳين لاءِ ڪارائتو ثابت نه ٿيو، لائيو اسٽاڪ عملدارن کي آفيس به نه ملي. ضلعي جي 50 اسپتالن ۽ سينٽرن مان 6 اسپتالون ڪنري، عمرڪوٽ، سامارو، ڍورو نارو، کوکڙاپار ۽ ڇور سميت 14 وٽرنري سينٽرن ۽ 30 وٽرنري سينٽر پٿورو، سامارو روڊ، ساڍر، لکو موري ۽ مولابخش موڙ سميت ٻين کي سالن کان تالا لڳل آهن. جنهن سبب اسپتالون ۽ سينٽر اسٽاڪ اسسٽنٽ حوالي آهن. ضلعي ۾ 15 وٽرنري ڊاڪٽر هجڻ باوجود ڀاڳيا چوپائي مال جي علاج ۽ وئڪسين لاءِ دربدر ٿي ويا آهن. عمرڪوٽ ضلعي لائيو اسٽاڪ کاتو آفيس کان محروم ھجڻ ڪري آفيس ڪيٽل ڪالوني ۾ قائم ڪري عملدار ڪارنهوار هلائي رهيا آهن. ذريعن کان معلوم ٿيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي سنڌ کان ضلعي جي رڳو 30 سيڪڙو جانورن کي وئڪسين ڪرڻ جي بجيٽ ملندي آهي. ضلعي عمرڪوٽ ۾ 2006ع ۾ ٿيل جانورن جي ڳڻپ موجب 15 لک جانور موجود آهن، پر 2016ع ۾ جانورن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرڻي هئي جيڪا ناهي ٿي. ضلعي ۾ مختلف نسلن جا جانور پاليا ويندا آهن. ٻڪري ٿري، ٽاپري، لاکاٽ، ڪاموري، چاولي، نسل جون پاليون وينديو آهن منهن ڪنڊي نسل جي پالي ويندي آهي، جڏهن ته ڍڳي ضلعي عمرڪوٽ ۾ 90 سيڪڙو ٿري نسل جي پالي ويندي آهي. ان کانسواءِ ڍڳي جا ساهيوال، آسٽريلين ۽ ٻيا نسل به پاليا ويندا آهن. هوڏانهن عمرڪوٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر گڻيش کتري “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽرن ۽ اسٽاڪ اسسٽنٽ جي کوٽ آهي، انهي ڪري سينٽر ۽ اسپتالون بند آھن، سياسي ماڻهن وٽرنري سينٽر ڳوٺن ۾ تعمير ڪرائي ڇڏيا آھن، جيڪي اسان کي اڃا نه مليا آھن. معلوم ٿيو آهي ته ضلعي ۾ 25 ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي. جڏهن ته اسٽاڪ اسسٽنٽ جون 15 جايون خالي آهن، عملدارن کي رڳو 3 گاڏيون مليل آهن، ڊرائيور هڪ به ناهي رکيو ويو. مالوند ماڻهن قادر راھمون، ميانداد سميجو، چنيسر ڀيل، ۽ ٻين “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو گذر سفر چوپائي مال تي آهي. جانورن ۾ مختلف بيماريون ٿين ٿيون، جنهن ڪري مال کي اڳواٽ وئڪسين ڪرڻ گهرجي، پر لائيو اسٽاڪ کاتي عمرڪوٽ جي لاپرواهي سبب وئڪسين نٿي ٿئي، جنهن ڪري چوپايو مال مري وڃي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button