پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ شاهد ٿهيم سمس پهتو، دوائون نه ملڻ جون دانهون

شھدادپور: شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال جو پ پ جي صوبائي اڳواڻ ايم پي اي شاهد عبدالسلام ٿهيم ۽ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا اوچتو دورو ڪري مختلف وارڊن جو جائزو ورتو. ان دوران ايمرجنسي وارڊ، ٻارڙن جي وارڊ ۾ ڊاڪٽرن، عملي جي سستي ۽ دوائن جي کوٽ جون مريضن جي وارثن شفيع محمد ۽ رانجهن خاصخيلي دانهون ڪيون ۽ چيو ته اسان کي سمس اسپتال مان دوا ملڻ جي ڪا اميد ناهي، اسان غريبن کي ڊاڪٽر خانگي اسٽورن جون دوائون لکي ڏين ٿا، جيڪي مهانگيون خريد ڪري رهيا آهيون. ان موقعي ته ايم پي اي شاهد عبدالسلام ٿهيم ۽ ڊي سي سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه سمس اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ظفرالله سولنگي کي هدايتون جاري ڪيون ته اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ پوري ڪري صفائي جو خيال رکيو وڃي. سمس اسپتال جي دوري دوران پ پ اڳواڻ ذوالفقار علي زرداري، فھد خان وساڻ، حاجي علي کوسو، اي سي جاويد احمد ڏاھري، مختياڪار امداد حسين سيال ۽ ورڪر گڏ ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button