اسلام آبادپاڪستان

حڪومت مان نڪتس ته وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندس:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب رات جو ننڊ ناهي ايندي، مهانگائي سبب راتين جون راتيون جاڳندو آهيان. آئون حڪومت ۾ هوندي خاموش آهيان پر حڪومت مان نڪري ويس ته اڃا خطرناڪ هوندس. ڪالهه وزيراعظم عمران خان سڌي ريت عوام جون ٽيلي فون ڪالز ٻڌيون ۽ مختلف سوالن جا جواب ڏنا. ان دوران مهانگائي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب رات جو ننڊ ناهي ايندي، مهانگائي سبب راتين جون راتيون جاڳندو آهيان. سڄي دنيا ۾ مهانگائي آهي، موجوده مهانگائي جي لهر ڪرونا سبب آهي. ڪرونا سڄي دنيا ۾ تباهي آندي، دنيا ۾ تاريخي مهانگائي آهي. اسان کان امير ملڪ به مهانگائي جي وڪڙ ۾ آهن. لائيو ٽرانسميشن ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته مهانگائي رڳو پاڪستان جو نه پر سڄي دنيا جو مسئلو آهي. دنيا ۾ تاريخي مهانگائي آهي، اسان کان امير ملڪ به مهانگائي جي وڪڙ ۾ آهن. جڏهن رپئي تي بار پوي ٿو ته اسان جيڪا درآمد ڪريون ٿا اها مهانگي ٿي وڃي ٿي. اسان جي دور ۾ ته غربت ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته ڪرونا جي سبب سڄي دنيا سپلائي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. برطانيا جي سالياني آمدني پاڪستان جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو وڌيڪ آهي پر اتي به خوراڪ جو بحران آهي. وزيراعظم چيو آهي ته جاپان ۾ مهانگائي جو 20 سالن جو رڪارڊ ٽٽو آهي. فرانس 13 سالن کان پوءِ تمام وڏي شرح آهي. جرمني ۾ مهانگائي جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽثي ويو آهي. يورپ ۾ به 30 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي وڌي وئي. وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي پگهاردار طبقي کي متاثر ڪيو آهي. پگهاردار طبقي جي مدد لاءِ راشن پروگرام کي وڌائينداسين، هاڻي ٽيڪس وصولي وڌي رهي آهي عوام جي مدد ڪنداسين. عمران خان چيو ته ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ 980 ارب رپين جو منافعو ٿيو آهي. ملڪ جي وڏن واپارين سان ملاقات ڪري کين ملازمن جون پگهارون وڌائڻ لاءِ چوندس. ڪارپوريٽ سيڪٽر کي گهرجي ته پنهنجي ملازمن جون پگهارون وڌائي، توهان هر وقت ڪنهن کي چريو نٿا بڻائي سگهو. وزيراعظم اپوزيشن کي به خبردار ڪيو آهي ته حڪومت مان نڪري ويس ته اڃا وڌيڪ خطرناڪ هوندس ۽ اپوزيشن کي لِڪڻ جي جاءِ نه ملندي. عمران خان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته انتظار ڪري رهيو آهيان ته توهان پاڪستان اچو، وڏيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ڊيل ٿي وئي. چون ٿا اڄ ايندو سڀاڻي ايندو، دعا ٿو ڪيان ته اڄ ئي لنڊن مان اچي وڃي. سڄو ٽولو لنڊن ڀڄي ويو آهي، ڪو پولو کيڏي رهيو آهي ته ڪو وڏين گاڏين ۾ گهمي رهيو آهي. ايترو پئسو ته برطانيا جي رائل فيملي به خرچ ناهي ڪندي. اپوزيشن اين آر او لا بليڪ ميل ڪري رهي آهي. پرويز مشرف مارشل لا کان وڌيڪ انهن ٻن خاندانن کي اين آر او ڏئي وڏو ظلم ڪيو، انهن ٻن خاندانن کي اين آر او ڏيڻ سڀ کان وڏي غداري هوندي. شهباز شريف کي ڏوهاري سمجهان ٿو، عدالتون هن جا ڪيس روزاني جي بنياد تي هلائين. هن سان هٿ ملائڻ به غداري آهي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي پارٽي هيءَ حڪومت ۽ ايندڙ مدو به پورو ڪندي. جيڪڏهن مان حڪومت مان نڪري ويس ته وڌيڪ خطرناڪ هوندس، منهنجي روڊن تي نڪرڻ سان اپوزيشن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. عوام توهان سان گڏ ان ڪري ناهي نڪرندو، ڇو ته توهان چوري بچائڻ لاءِ نڪرندا آهيو. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سان مخالف ڌر پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ نه ٿي ڏئي، ايوان ۾ اين آر او جو ڪرائوڊ ويٺو آهي، اتي ڳالهائي نٿو سگهان. هن وڌيڪ چيو ته گئس جو بحران به اچڻ وارو آهي، گئس جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن، بلوم برگ موجب گئس جي کوٽ کانپو کاڌ خوراڪ جو به بحران پئدا ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ 8 ارب ٽيڪس گڏ ڪري ڏيکاريندس. 30 لک گهر ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button