اسلام آبادپاڪستان

ملڪي تاريخ ۾ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج جسٽس عائشا ملڪ اڄ حلف کڻندي

اسلام آباد :ملڪي تاريخ ۾ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج جسٽس عائشا ملڪ اڄ سومر تي قسم کڻندي. چيف جسٽس گلزار احمد جسٽس عائشا ملڪ کي حلف کڻائيندو. حلف کڻڻ واري تقريب سپريم ڪورٽ بلڊنگ جي هال ۾ صبح 9 وڳي ٿيندي. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جا سمورا جج شرڪت ڪندا. ان ڏس ۾ اٽارني جنرل، ايڊيشنل اٽارني جنرل ايڊووڪيٽ جنرل، صدر سپريم ڪورٽ بار، وي سي پاڪستان بار، سينيئر وڪيلن کي داعوتناما اماڻيا ويا. گذريل ڏينهن صدر عارف علوي جي منظوري سان قانون واري وزارت جسٽس عائشا ملڪ جي سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button