پاڪستانپنجاب

عمران جي خطرناڪ ٿيڻ واريون ڌمڪيون رڳو ڀڀڪيون آهن:مريم نواز

لاهور: ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جنهن مافيائن جي دانهن ڪري رهيو آهي، اهي سندس ڀرپاسي ۾ موجود آهن. 220 ملين لُٽيندڙ مافيا سان عمران خان جو ڪچن هلي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي عوام سان فون ڪالز تي ڳالهين بابت ردعمل ڏيندي مريم نواز چيو ته اڄ عمران خان جيڪي لفظ ڳالهايا، هر لفظ ناڪامي ۽ پنهنجي ۽ پي ٽي آءِ جي مستقبل جي ڪا اميد نه هئا. عمران خان! اهو سڀ اڻٽر هو، توهان تاريخ آهيو ۽ تاريخ اسان کي اهڙن ماڻهن کان بچڻ جو سبق سيکاريندي، جيڪي عوامي طاقت کان وڌيڪ سازشن تي يقين رکندڙ هجن. هن چيو ته ن ليگ وارن خلاف ٺاهيل ڪيس ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن، توهان جي حقيقت دنيا جي سامهون اچي وئي آهي، عدليا تي الزام نه هڻو، توهان وٽ رڳو توهان جو انتقام ۽ انتقام آهي.سندس چوڻ هو ته عمران خان جو آواز شڪست کاڌل نه شڪست تسليم ڪرڻ وارو آهي، چئن سالن کان رڳو دعوائون ڪيون پيون وڃن، اقتدار مان نڪري وڌيڪ خطرناڪ ٿيڻ واريون ڌمڪيون رڳو ڀڀڪيون آهن. توهان جي نڪرڻ سان عوام شڪراني جا نفل پڙهندو. توهان نه نواز شريف آهيو، جنهن جي پويان عوام بيٺو هو، نه وري مظلوم آهيو، توهان سازشي آهيو ۽ مڪافات عمل جو شڪار ٿيا آهيو. مريم نواز چيو ته عمران خان جي هاڻ روئڻ ۽ ڊرامو ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي، سامان کڻو ۽ هلو. توهان جو وڌيڪ اقتدار ۾ رهڻ ۾ عوام جون ڏکيائيون وڌائيندو، توهان عبرتناڪ شڪست کائي چڪا آهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button