اسلام آبادپاڪستان

پ پ جو ٽريڪٽر ٽرالي مارچ،جيالن کي تيار رهڻ جي هدايت

اسلام آباد : پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ آرگنائيزنگ ڪميٽي هدايت ڪئي آهي ته سمورا تنظيمي عهديدار ٽريڪٽر ٽرالي مارچ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سمورا تنظيمي، ذيلي ونگ عهديدار، ٽڪيٽ هولڊر ۽ ڪارڪن 27 فيبروري تي ٿيندڙ لانگ مارچ جي حوالي سان ملڪ ۾ پنهنجون سرگرميون تيز ڪن. آچر تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ آرگنائيزنگ ڪميٽي جو وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ٿيو. يوسف رضا گيلاني لانگ مارچ ارگنائيزنگ ڪميٽي جي سربراهي ڪئي. اجلاس ۾ راجا پرويز اشرف، نئير بخاري، قائم علي شاهه، انور سيف الله خان ۽ صادق عمراڻي شريڪ ٿيا. وڊيو لنڪ اجلاس ۾ لانگ مارچ جا اثر تيارين ۽ لائهه عمل جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ 24 جنوري تي ٿيندڙ هاري ٽريڪٽر ٽرالي مارچ جي تيارين جي آخري مرحلن جو به جائزو ورتو ويو. ڪميٽي جي ميمبرن هدايت ڪئي ته سمورا تنظيمي عهديدار ٽريڪٽر ٽرالي مارچ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button