پاڪستانپنجاب

ان هائوس تبديلي واحد رستو آهي:راجا پرويز اشرف

لاهور: پاڪستان پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ان هائوس تبديلي ئي جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ جو رستو آهي. پيپلزپارٽي وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪوئي آپشن نه آهي. اپوزيشن پارٽين طرفان هاڪاري اشارا اچي رهيا آهن. پنجاب ۾ حڪومت وٽ تمام گهٽ اڪثريت آهي، ان هائوس تبديلي جو آپشن آهي. پيپلزپارٽي جمهوري طريقن، عدم اعتماد ۽ ان هائوس تبديلي تي يقين رکي ٿي. ماڊل ٽائون سيڪريٽريٽ ۾ جنرل سيڪريٽري حسن مرتضيٰ، آصف رضا بيگ ۽ افنان بٽ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راجا پرويز اشرف پ پ ۾ شامل ٿيندڙن کي پنهنجي ۽ پارٽي قيادت طرفان ڀليڪار چوندي چيو ته 24 جنوري تي ملڪ جي ڊويزنل ۽ ڊسٽرڪٽ هنڌن تي ٽرالي مارچ ٿيندو هاري ڪمزور هوندو ته بهتر معيشت طرف نٿا وڃي سگهون هاري کي ڀاڻ، ٻج نه پيو ملي پيپلزپارٽي هر فڪر جي طبقي سان گڏ بيٺي آهي اڪاوڙا جو ٽريڪٽر ٽرالي مارچ گهڻو ڪامياب رهيو لانگ مارچ ۾ پيپلزپارٽي ۽ ان جا هم خيال ڀرپور شرڪت ڪندا. ان موقعي تي صدر سرڪل منڊي احمدآباد، پاڪستان هاري اتحاد جو ٽڪيٽ هولڊر چيئرمين يونين ڪائونسل 106 ميان سردار خان وٽو ۽ تحريڪ انصاف جو يونين ڪائونسل 116 مان ٽڪيٽ هولڊر چيئرمين الطاف حسين وٽو پاران پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button