اسلام آباد :مظفرآباد کان علاج لا اسلام آباد منتقل ڪيل اڻلڀ نسل جو زخمي چيتو مري ويو. اسلام آباد وائلڊ لائيف مئنجيمينٽ بورڊ جي چيئرپرسن رينا سعيد خان ٻڌايو آهي ته مادي چيتو کي زخمي حالت ۾ مظفرآباد کان علاج لا اسلام آباد منتقل ڪيو ويو هو. ايڪسري ۾ هن جي جسم ۾ 5 کان 6 ڇرا ظاهر ٿيا آهن. هن جي ڪرنگهي واري هڏي ۾ هڪ ڇرو لڳو هو، جنهن ڪري هو بدحال ٿي وئي. هن چيو ته ڊاڪٽرن کيس ڇرا ڪڍي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها بچي نه سگهي. آزاد ڄمون ڪشمير مان ڪنهن چيتي کي گوليون هڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، هو نيلم درياهه تي پاڻي پيئڻ لا آئي هئي. جانور کي اهڙي ريت مارڻ غلط آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close