اسلام آبادپاڪستان

جسٽس عائشا ملڪ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: جسٽس عائشا ملڪ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو آهي. جسٽس عائشه ملڪ جي حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ ۾ منعقد ٿي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ان کان حلف ورتو. حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججز، اٽارني جنرل ۽ وڪيلن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. جسٽس عائشه ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري بابت سوال جي جواب ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو ته اسان ڪنهن شي جو ڪريڊٽ نه وٺنداسين. جسٽس عائشا ملڪ پنهنجي قابليت جي بنياد تي جج بڻجي آهي. واضح رهي ته صدر عارف علوي جي منظوري کان پوءِ وفاقي قانون واري وزارت لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عائشا ملڪ کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button