اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي 17 حياتيون کسجي ويون،6 هزار 357 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا جي پکيڙ تيزي سان وڌي رهي آهي. هڪ ڏينهن دوران ڪرونا وائرس وگهي 17 مريض فوت ٿي ويا آهن. ملڪ ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 1 لک 81 هزار 152 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل هڪ ڏينهن دوران 6 هزار 357 ڪيسز رپورٽ ٿيا. مثبت ڪيسز جي شرح 12 ڏهائي 8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته ڪرونا وائرس وگهي 17 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپو فوتين جو انگ 29 هزار 122 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 4 لک 66 هزار 164، سنڌ ۾ 5 لک 29 هزار 218، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 85 هزار 683، بلوچستان ۾ 3 هزار 975، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 510، اسلام آباد ۾ هڪ لک 20 هزار 128 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 35 هزار 474 ڪيسز رپورٽ ٿيا. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 46 لک 39 هزار 942 مريضن ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 69 هزار 634 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 200 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 29 هزار 122 ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button