اسلام آبادپاڪستان

نوازشريف ۽ فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو،حڪومت خلاف صلاح مشورا

اسلام آباد : پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ حڪومت کان عوام کي نجات ڏيارڻ لاءِ تحريڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن موجب نوازشريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ پي ڊي ايم جي تحريڪ تي ڊگها صلاح مشورا ٿيا ۽ ٻنهي اڳواڻن حڪومت کان عوام کي نجات ڏيارڻ لاءِ تحريڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن حڪومت مخالف لانگ مارچ ۽ ان هائوس تبديلي سميت مختلف اهم قومي معاملن تي به صلاح مشورا ڪيا. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان نوازشريف کي اڄ پي ڊي ايم سربراهي اجلاس جي ايجنڊي تي به اعتماد ۾ ورتو. مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، هاڻي هنن حڪمرانن کان عوام کي نجات ڏيارڻ جو وقت اچي چڪو آهي. ان موقعي تي نوازشريف چيو ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان جيڪو به فيصلو ٿيندو، ان جو (ن)ُ ليگ ڀرپور ساٿ ڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button