اسلام آباد : احساس راشن رعايت جي اسٽيئرنگ ڪميٽي گهراڻن جي اهليت کي جاچڻ لاءِ اهليت جي معيار جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڊاڪٽر ثانيا نشتر ڪئي. احساس راشن رعايت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ کان پوءِ هي پهريون اجلاس هو. ڪميٽي جو مقصد احساس راشن پروگرام تي عملدرآمد جو جائزو ۽ پاليسي رهنمائي آهي. ڊاڪٽر ثانيا نشتر چيو ته احساس 8171 سروس بند ٿيڻ تي ڪل هڪ ڪروڙ 90 لک درخواستون مليون آهن. مليل درخواستن جي تصديق احساس سرور ڊيٽا ايناليٽڪس جي ذريعي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته احساس راشن تي عملدرآمد نيشنل بئنڪ جي سهڪار سان جلد ٿيڻ وارو آهي. اجلاس ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري سماجي تحفظ ڊويزن، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس، پنجاب، خيبرپختونخواه، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا چيف سيڪريٽريز سيڪريٽري فنانس بلوچستان سيڪريٽري انڊسٽريز پنجاب سيڪريٽري سوشل ويلفيئر خيبرپختونخواه ايم ڊي يوٽلٽي اسٽورز گروپ هيڊ ڊجيٽل بئنڪنگ نيشنل بئنڪ ۽ ٻيا به موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close