اسلام آبادپاڪستان

افغان سرزمين اڃا به پاڪستان خلاف استعمال ٿئي پئي:معيد يوسف

اسلام آباد: قومي سلامتي صلاڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته افغانستان جي سرزمين اڃا به پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي. ڪالعدم ٽي ٽي پي فوري ٿيل معاهدو ختم ڪيو، اهو ملڪ تي جنگ مڙهيندو. هن معيشت کي پاڪستان جو نمبر ون مسئلو قرار ڏيندي چيو آهي ته هي قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي. جڏهن ڪنهن عالمي اداري کان قرض ورتو وڃي ٿو ته قومي خودمختياري تي سمجهوتو ڪرڻو پوي ٿو. قومي سلامتي پاليسي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪري سگهجي ٿو. جيستائين پاليسي تي عمل نه ٿيندو دستاويز رهندا. ڄمون ۽ ڪشمير نئين پاليسي جو اهم جزو آهي، بئنڪنگ جو نظام جيستائين بحال نه ٿيندو ان وقت تائين افغانستان جي امداد ممڪن نه آهي. افغانستان جي سرزمين هاڻي به پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي. بيشڪ افغانستان ۾ دهشتگرد ٽولن جو نيٽ ورڪ موجود آهي. پاڪستان کي طالبان جي حڪومت ۾ اچڻ سان سمورن مسئلن جي حل تي مڪمل پراميد نه هئڻ گهرجي. خميس تي قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت قائما ڪميٽي جو اهم اجلاس احسان الله ٽوانا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ معيد يوسف قومي سلامتي پاليسي تي بريفنگ ڏيندي چيو ته قومي سلامتي پاليسي ۾ جنگ هٿيارن کان هٽي عام ماڻهن جو سوچيو ويو آهي. هن چيو ته معيشت پاڪستان جو نمبر ون مسئلو آهي جيڪو قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي. قومي سلامتي پاليسي جو ڌيان جيو اڪنامڪس تي آهي. پهرين قومي سلامتي پاليسي آهي 2014 ۾ هن پاليسي تي ڪم شروع ٿيو، هن پاليسي کي آخري شڪل ڏيڻ ۾ 7 سال لڳا. هن چيو ته 2019 ۾ هن پاليسي تي ڊرافٽنگ ڪميٽي ٻيهر ٺاهي. معيد يوسف چيو ته ڀارت ڪڻڪ ۽ دوائون پاڪستان جي رستي موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو، اسان ڀارت کي پاڪستان جي رستي سپلاءِ جي اجازت به ڏئي ڇڏي آهي. ان باوجود ڀارت اڃا تائين ڪڻڪ ناهي اماڻي. هن چيو ته افغانستان ۾ بئڪنگ جو نطام جيستائين بحال نه ٿيندو، ان وقت تائين افغانستان جي امداد ممڪن نه آهي. هن چيو ته آمريڪا افغانستان جي 9 ارب ڊالر جا ناڻي مٽا سٽا جا ذخيرا منجمند ڪري ڇڏيا آهن. افغانستان ۾ اجازت جي باوجود بئنڪنگ تي سخت شرط آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button