اسلام آباد:ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اسپتال جا پيسا پارٽي فنڊ لاءِ استعمال ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز تحريڪ انصاف خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي حوالي سان چيو ته اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته اسپتال جي لاءِ مليل پيسا پارٽي فنڊ ۾ ويندا هئا. هن چيو ته پارٽي فنڊ جا پيسا ذاتي اڪائونٽس، جڏهن ته عوام جا پيسا هنن جي کيسن ۾ ويندا رهيا. مريم نواز چيو ته اخلاقي، مذهبي ۽ قانوني طور تي هي وڏو ڏوهه آهي، جنهن جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close