اسلام آبادپاڪستان

گيلاني،سڪندر منڌرو،مشاهد حسين ۽ طلحا محمود غيرحاضر رهيا

اسلام آباد:سينيٽ جي سمورن ميمبرز جو انگ 99 آهي پر اهم سيشن جي موقعي تي ايوان ۾ رڳو 86 ميمبرز موجود هئا. ڪالهه اپوزيشن جي اڪثريت باوجود حڪومت اسٽيٽ بينڪ جي خود مختياري بابت ترميمي بل سينيٽ مان منظور ڪرائي ورتو آهي. سينيٽ ۾ حڪومت جي ميمبرز جو انگ 42، جڏهن ته دلاور خان گروپ سميت 6 ميمبرز سوڌو اپوزيشن ميمبرز جو انگ 57 آهي.ڪالهه سيشن دوران دلاور گروپ جا 6 مان 2 ميمبرز هدايت الله ۽ بلال الرحمان اجلاس مان غير حاضر هئا، سينيٽر هدايت الله ڪرونا سبب اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو هو. حڪومتي اتحادي ايم ڪيو ايم جو فيصل سبزواري ۽ خالده طيب به اجلاس مان غير حاضر هئا، جڏهن ته پ پ جو يوسف رضا گيلاني، قاسم رانجهو ۽ سڪندر منڌرو اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيا، پي ڪي ميپ جو شفيق ترين ۽ نسيما احسان به اجلاس ۾ موجود نه هئا. اهڙي ريت ن ليگ جي نزهت صادق ڪينيڊا ۾ هجڻ ۽ مشاهد حسين ڪرونا سبب اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا. اپوزيشن مان جي يو آءِ (ف) جو سينيٽر طلحا محمود اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر زرقا طبيعت درست نه هجڻ ڪري ايوان ۾ آڪسيجن سلينڊر سان گڏ پهتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button