اسلام آبادپاڪستان

هڪ ووٽ جي اڪثريت سان اسٽيٽ بئنڪ بل سينيٽ مان منظور

اسلام آباد :اپوزيشن جو گوڙ ۽ احتجاج ڪم نه آيو، اڪثريت هجڻ جي باوجود سينيٽ ۾ ضمني مالياتي اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. اپوزيشن جي مخالفت باوجود حڪومت صرف هڪ ووٽ جي مدد سان ترميمي بل سميت آ ايم ايف جي جائزي لا گهربل ٻه بل منظور ڪرائي ورتا. بل جي حمايت ۾ 43 ۽ مخالفت ۾ 42 ووٽ پيا. اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ نه پهتو. سينيٽ جي سمورن ميمبرز جو انگ 99 آهي پر اهم سيشن جي موقعي تي ايوان ۾ رڳو 86 ميمبرز موجود هئا. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪالهه اپوزيشن جي اڪثريت باوجود حڪومت اسٽيٽ بينڪ جي خود مختياري بابت ترميمي بل سينيٽ مان منظور ڪرائي ورتو آهي. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل ناڻي وزير شوڪت ترين پيش ڪيو، جنهن تي راءِ شماري ڪرائي وئي، جنهن دوران بل جي حق ۾ 43 ۽ مخالفت ۾ 42 ووٽ پيا. سينيٽ چيئرمين بل پيش ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، اي اين پي جو عمر فاروق ڪانسي بل جي منظوري وقت ايوان مان نڪري ويو. جڏهن ته دلاور خان حڪومت کي ووٽ ڏنو. بل جي منظوري دوران اپوزيشن احتجاج ۽ گوڙ ڪيو، ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيز ڦاڙي ڇڏيون. سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس اڳيان بيهي جيڪو آ ايم ايف جو يار آهي سو غدار آهي غدار آهي جي نعريبازي ڪئي. راءِ شماري کانپوءِ سينيٽ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل منظور ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ سينيٽ جو اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو. جڏهن ته اپوزيشن اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل جي منظوري ۾ سينيٽ چيئرمين کي ڌُر قرار ڏئي ڇڏيو آھي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته 4 اپوزيشن ميمبرز نه آيا، چيئرمين غيرجانبدار هوندو آهي پر هُن حڪومت کي ووٽ ڏنو. پ پ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته حڪومت نمبر گيم پوري ڪرڻ لاءِ دير جا حربا استعمال ڪيا. سينيٽ چيئرمين حڪومت جي سهولتڪاري جو ڪم ڪيو. ان تي سينيٽ چيئرمين چيو ته آئون سهولتڪاري نه پيو ڪريان، حڪومت بل کي ايجنڊا ۾ نه رکيو ته ڇا ٿو ڪري سگهان. مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته صورتحال مزيدار آهي، ايندڙ 5 سال به عمران خان جي حڪومت هوندي. عوام کي خبر پئجي وئي ته سندن خوابن جا لٽيرا ڪير آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button