جهڏو: جهڏو جي نبي سر موڙ، ضلعي بدين جي ديهھ سانگي ۽ ٿورلو سميت ڳوٺن جي آس پاس ۾ ٺهيل سرن جا بٺا توڙي ڪوئلي جا ڪپا ماحولياتي گدلاڻ جو وڏو سبب بڻيل آهن. رهواسين وٽان مليل ڄاڻ موجب بٺا مالڪ لالچ ۾ اچي بٺن ۾ سڪو ڪاٺ ساڙڻ بدران آلو ڪاٺ، پراڻيون جتيون، سارين جو توه، پراڻي ڪپڙي جا ٽڪرا، گاڏين جا پراڻا ٽائر، رٻڙ ۽ ٻيو ڪن ڪچرو ساڙين ٿا، جنهن سبب خارج ٿيندڙ انتهائي وڏي مقدار ۾ زهريلي دونهين عام زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آهي، مقامي رهواسي دم، ساهه ۽ ڦڦڙن سميت ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. رهواسين موجب بٺي مالڪن زمينون پنجن کان ڏهن سالن لاءِ لکت ڪري ورتيون آهن، ڪجهه بٺا مالڪن جون ذاتي زمينون آهن، جيڪي ڳوٺن ۽ شهرن جي وچ تي زهريلو دونهون خارج ڪن ٿيون. ٻئي طرف سرن جي بٺن تي پورهيو ڪندڙ اڪثريت ٻارن جي آهي، بٺي جي پورهيتن کان مبينا جبري 3 کان 4 سئو رپين ۾ 24 ڪلاڪ پورهيو وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. بٺا مزدورن ٻڌايو ته اسان جون، عورتن ۽ ٻارڙن جون سڄيون حياتيون پورهئي ۾ گذري ويون آهن، پر مٿن مڙهيل ناجائز قرض لهڻ بدران الٽو وڌندو رهي ٿو. هنن چيو ته هڪ بٺي وارو ڪم وٺڻ بعد قرض ڄاڻائي ٻئي بٺي واري کي مزدورن جو ليبر وڪرو ڪري ٿو. بٺا مزدورن موجب اسان گهر جا سڀ ڀاتي جن ۾ معصوم ٻارڙا پڻ شامل آهن، سڄو ڏينهن پورهيو ڪريون ٿا، پر اسان کي روڪ رقم جي مد ۾ اجورو نه ٿو ڏنو وڃي، في بٺي تي 70 کان 100 پورهيت پورهيو ڪن ٿا. کائڻ لا رڳو اٽو ڏنو وڃي ٿو، حساب ڪرڻ بدران رڳو قرضي ڄاڻايو ٿو وڃي. ان سلسلي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ ممتاز، ديشي نياز کوسو، عباس کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سرن جي بٺن تي سوين معصوم ٻارڙا مبينا جبري پورهيو ڪن ٿا، جن کي تعليم ۽ صحت سيت ڪابه سهولت نٿي ڏني وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close