ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ امن امان جي حوالي سان ڊي سي آفيس ۾ صوبائي وزير سيد ضيا عباس شاهه رضوي جي صدارت هيٺ اجلاس ڪوٺايو ويو، اجلاس ۾ ايس ايس پي فاروق بجاراڻي ۽ اي ڊي سي ون عبدالحفيظ لغاري سميت واپارين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ضيا عباس شاهه رضوي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن کان شهر جو ماحول خراب ڪرڻ لا لسانيت جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر آئون ٽنڊوالهيار ۾ رهندڙ اردو، سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ توڙي هر زبان ڳالهائيندڙ شهري جو ٿورائتو آهيان، جن سنڌ جي امن جي دشمنن کي رد ڪيو، اسان اڄ ٽنڊوالهيار ضلعي جي امن امان جي حوالي سان ميٽينگ ڪوٺائي هئي، جنهن بعد سڀني جي را سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته 30 فيبروري آچر جي ڏينهن شهر جي لطيف گيٽ کان ٽنڊوالهيار پريس ڪلب تائين امن مارچ ريلي ڪڍي پاڪستان کي ٽنڊوالهيار واسي پيغام ڏيندا ته هتي رهندڙ سڀ ماڻهو امن پرست شهري ۽ پاڻ ۾ ڀائر آهن. هن چيو ته اسان سڀني کي ٽنڊوالهيار جو امن عزيز آهي، امن مارچ سان اهو پيغام ڏيڻ ٿا چاهيون ته ٽنڊوالهيار جا رهواسي پرامن ۽ پاڻ ۾ ڀائر آهن. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ مولاڀخش ٿيٻو، آفتاب جوڻيجو، ٺاڪر نظير قائمخاني، ماما رتن لعل، خالد حبيب قائمخاني ۽ ٻيا موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close