پاڪستانسنڌ

مبارڪ رند شهر ۾ اسڪول جو ڪم مڪمل نه ٿيو

اسلام ڪوٽ/ ڇاڇرو: ٿرپارڪر ضلعي جي شهر مبارڪ رند ۾ 2009ع ۾ مبارڪ رند مڊل اسڪول کان ها اسڪول اپگريڊيشن لا مليل بلڊنگ جو انتظامي لاپرواهي سبب ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڪم جو پ پ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي هٿن سان پيڙهه جو پٿر رکيو هو، پر 13 سال گذرڻ باوجود ڪم پورو نه ٿي سگهيو آهي، در دريون ۽ ٽائلس جو ڪم اڃا تائين رهيل آهي، بلڊنگ به زبون ٿي وئي آهي، 1998ع جي ٺهيل مڊل اسڪول جي عمارت جي حالت به خطري ۾ آھي، اسڪول انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن اعلى عملدارن اڳيان ڪيترائي ڀيرا دانهيو، پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. ان سلسلي ۾ ٿر ٽيڪنيڪل فورم جي اڳواڻ ديال صحرائي، عطا محمد رند، همير سومرو، راجه گوهر ۽ سريش ساماڻي چيو ته تعليم کاتي کي هر سال ترقياتي بجيٽ لا اربين رپيا ڏنا وڃن ٿا، پر کاتي جي نااهلي سبب واپس ليپس ٿي وڃن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button