مقصودو رند: سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم لساني فساد ڪرائڻ چاهي ٿي. ايم ڪيو ايم اڳواڻن جا بيان سنڌ جي وحدانيت تي وار سمجھون ٿا، سنڌ ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ چڱي طرح ڄاڻون ٿا. اھڙو اظھار سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم ھميشه سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪيا آھن، اھڙن احسان فراموشن کي واپس موڪليو وڃي، جتان اهي آيا هئا. سنڌ ۾ ھارين جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي، ڀاڻ جي شديد کوٽ آهي، غريب مسڪين ھارين جا فصل متاثر ٿي رھيا آھن. جڏھن ته بصر جو ريٽ ناھي، جنھن ڪري آبادگار سخت پريشان آهن. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کانپوءِ وفاقي حڪومت جي پت وائکي ٿي چڪي آهي، ڪرپشن ختم ڪرڻ جي دعوى ڪندڙ وفاقي حڪومت پاڻ گذريل حڪومتن جو ڪرپشن ڪرڻ ۾ رڪارڊ ٽوڙيو آهي، وفاقي حڪومت مھانگائي گھٽ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ان موقعي تي ڪامريڊ احمد نواز انقلابي ساڻس گڏ ھو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close