ڊگھڙي: سال 2018ع ۾ ايس آر پي پوليس ٽيسٽ پاس ڪندڙ نوجوانن راول ابڙينگ، محبوب علي سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مطالبن جي مڃتا لا پريس ڪلب ڊگھڙي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ۾ سياسي سماجي اڳواڻ حسين ابڙينگ پڻ شرڪت ڪئي،ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان سميت سوين نوجوانن 2018ع ۾ ايس آر پي پوليس جي ٽيسٽ پاس ڪئي، ٽيسٽ پاس ڪيترن ئي اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويا، پر هن وقت لڳ ڀڳ 15 سئو اميدوارن کي ويٽنگ ۾ رکيو ويو آهي. ٽن سالن کان ويٽنگ لسٽ جا اميدوار بيروزگاري سبب ڏکين حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، اسان کي آرڊر جاري ڪرڻ بدران من پسندن کي آرڊر جاري ڪيا پيا وڃن. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته آفر ڏئي پکڙيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close