پاڪستانسنڌ

ميرواهه گورچاڻي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي، ڊرائيور فوت

ميرواهھ گورچاڻي: ميرواهھ گورچاڻي ۾ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ سبب ڊرائيور موقعي تي فوت ٿي ويو. رپورٽ موجب ميرواہه گورچاڻي لڳ 28 ميل موري اسٽاپ وٽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪراسنگ ڪندي اوچتو روڊ ڀرسان سم نالي ۾ ڪلٽي ٿي پيو، جنهن سبب ٽريڪٽر ڊرائيور 35 ورهين جو قربان علي ولد محمد عثمان لغاري چيڀاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويو. ٽريڪٽر ڊرائيور تعلقي چمبڙ جي ڳوٺ رستم لغاري لڳ ٽيل موري جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، حادثي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي رورل هيلٿ سينٽر آندو، جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button