اسلام آبادپاڪستان

علي امين گنڊاپور کي چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت وفاقي وزير علي امين گنڊاپور کي چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن جو چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو. اليڪشن ڪميشن ڊيرا اسماعيل خان ۾ 13 فيبروري 2022 تي ٿيندڙ اليڪشن جي حوالي سان وفاقي وزير امين گنڊاپور پاران ضابطن جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس ورتو. اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ويو ته وفاقي وزير جو ڀاءُ عمران امين گنڊاپور ڊيرا اسماعيل خان جي سٽي تعلقي جو اميدوار آهي، وفاقي وزير پهرين به 5 ڊسمبر 2021 تي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن تي مٿس 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، جيڪو هُن ادا ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي خبر پئي آهي ته علي امين گنڊاپور ضابطن جي ڀڃڪڙي واري سلسلي کي جاري رکيو آهي. پڌرائي موجب اليڪشن ڪميشن حڪم ڏنو ته علي امين گنڊاپور جو ڪيس پهرين فيبروري 2022 تي شنوائي لاءِ مقرر ڪيو وڃي، وفاقي وزير ۽ سندس ڀاءُ کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن ته جيئن ضروري ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي. اليڪشن ڪميشن ڊپٽي ڪمشنر، ڊي آر او ۽ آر او سميت ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر کان به رپورٽ طلب ڪري ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button