اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا جي پکيڙ ٻيهر تيزي سان وڌي رهي آهي. وڌيڪ 27 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 29 هزار 219 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب هڪ ڏينهن دوران مثبت ڪيسز جي شرح 11 ڏهائي 3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 14 لک 10 هزار 33 ٿي ويو. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 هزار 963 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 4 لک 74 هزار 208، سنڌ ۾5 لک 38 هزار 196، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 90 هزار 578، بلوچستان ۾ 34 هزار 277، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 604، اسلام آباد ۾ هڪ لک 25 هزار 203، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 36 هزار 967 ڪيسز رپورٽ ٿيا. ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 48 لک 93 هزار 290 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 70 هزار 389 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 76 هزار 719 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 375 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close