پاڪستانسنڌ

ڳڙهي تيغي مان 3 مهينا اڳ اغوا ٿيل چڪ واسي نوجوان بازياب

چڪ جو رهواسي نوجوان بازياب ٿي گهر پهچي ويو. چڪ شهر جي سيٺار محلي واسي نياز حسين سيٺار کي ٽي مهينا اڳ نوڪري جي لالچ تي ڳڙهي تيغي جي ڪچي ۾ گهرائي اغوا ڪيو ويو هو، ناپرڪوٽ پوليس مبينا مقابلي بعد نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي. جڏهن ته ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڌاڙيلن خلاف شروع ڪيل ٽارگيٽيڊ آپريشن جي وڌندڙ دٻاءَ جي نتيجي ۾ ڌاڙيلن 3 مهينا اڳ نوڪري جي لالچ ڏئي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ جي علائقي مڇي ٻنڊو مان اغوا ڪيل 30 ورهين جي چڪ واسي ڊرائيور نياز پٽ عبدالحڪيم سيٺار کي پنهنجو گهيرو تنگ محسوس ڪندي ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد هاشم ڏڪ بند وٽ ڇڏي ڏنو. جڏهن ته علائقي ۽ شهر ۾ ڀُنگ ڀرڻ جا چوٻول آهن. ٻئي طرف مغوي جي بازياب ٿي گهر پهچڻ تي خوشي وارو ماحول ڇانئجي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button