اسلام آبادپاڪستان

اسد عمر ۾ جرئت ناهي ته هو پنهنجي تڪ ۾ وڃي سگهي:پ پ

اسلام آباد : پ پ سينيٽر پلوشا خان چيو آهي ته اسد عمر ۾ جرئت ناهي ته هو پنهنجي تڪ جي عوام وٽ وڃي سگهي. منصوبابندي بابت وفاقي وزير جي بيان تي ردعمل ڏيندي بلوشا خان چيو ته تڪ جا ووٽر اسد عمر کي لالٽين کڻي ڳولي رهيا آهن. هن چيو ته اسد عمر جي تڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ماڻهو مرندا رهيا پر هو گم رهيو، ان ۾ ايتري جرئت ناهي ته پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي منهن ڏئي سگهي. سندس چوڻ هو ته اسد عمر پ پ جي نه پنهنجي حڪومت ۽ پارٽي جي ڳڻتي ڪري، ڪڻڪ ۽ کنڊ بحران پيدا ڪندڙن ۾ اسد عمر سڀ کان مٿي آهي. واضح رهي ته اسد عمر پنهنجي بيان ۾ سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو هو ته سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت نه رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button